ايراني شهزادي

ايراني شهزادي

ايراني شهزادي 1

ايراني شهزادي (ڪتاب): هي ڪتاب نامور ليکڪ صحافي ۽ فڪشن ليکڪ، محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو اسلامي تاريخي ناول آهي، هي ناول پهريون ڀيرو ڏيپلائي 27 جون 1944ع ۾ ڇپائي پڌرو ٿيو هو ۽ 69 سالن جي ڊگهي عرصي کانپوءِ تازو مهراڻ اڪيڊميءَ شڪارپور اپريل 2013ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هي ڪتاب ’قادسيه جي جنگ‘ جي پس منظر ۾ رکيو ويو آهي. مشهور اصحابي ۽ ڏهن جنتي اصحابن ۾ شمار ٿيندڙ حضرت سعد بن ابي وقاصرضه اسلامي لشڪر جو اڳواڻ هو جڏهن ته ايراني لشڪر جو اڳواڻ رستم هو. هن ڪتاب ذريعي ڏيکاريو ويو آهي ته چند هزارن تي مشتمل اسلامي لشڪر زردشت جي پوئلڳ 2 لک فوج کي شڪست ڏئي ڪيئن ايران کي اسلامي دائري ۾ شامل ڪري ڇڏيو. ڊيمي سائيز جي 68 صفحن تي مشتمل ڪتاب جي قيمت، 60 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو